ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آل ڪراچي ريٽيلر ايسوسيئيشن فوري اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏي، صدر ايم رحمان ۽ ٻين چيو آهي ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار آھي، سريلنڪا جھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ حڪومت قدم کڻي آل ڪراچي ريٽيلر ايسوسئيشن جي صدر ايم رحمان ۽ ٻين جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت کي فوري طور ڏکيا فيصلا ڪرڻ گھرجن ۽ سبسڊي ختم ڪئي وڃي، آء ايم ايف سان گھڻ وقت معاھدو ڪري ٽن سالن لاءِ قرض کنيو وڃي اڳواڻن چيو ته بيروزگار نوجوانن کي پرڏيھه ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، سي پيڪ تي ڪم شروع ڪري چين جا خدشا ختم ڪيا وڃن










