رينجرز جي ڪراچي ۾ ڪاروائي،سرجيڪل ماسڪ هٿ

رينجرز جي ڪراچي ۾ ڪاروائي،سرجيڪل ماسڪ هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ انٽيلي جنس جي بنياد تي شاهراءِ قائدين پي اي سي ايڇ بلاڪ 2 جي علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي ڪار شوروم جي هڪ جوابدار محمد عثمان کي گرفتار ڪيو ۽ ان جي نشاندهي تي 74 هزار سرجيڪل ماسڪ ۽ 200 انفلوزن واٽر ڊرپس هٿ ڪيا.رينجرز ترجمان جي مطابق جوابدار محمد عثمان ڪورونا وائرس کان بچاءَ خاطرشهرين جي طرفان ماسڪ جي واڌاري جي ڊيمانڊ کي ڏسندي شوروم جي مالڪ مزمل امام  سان گڏ شريڪ داري ڪئي ۽ جوابدار او ايل ايڪس وڏي قيمت تي ماسڪ وڪرو ڪري رهيو هئو.پاڪستان رينجرز سنڌ جي طرفان هڪ ٻي ڪاروائي جي دوران واٽر پمپ چورنگي جي دوڪاندار عماد کي گرفتار ڪري ڇڏيو.جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ هٿ ڪيا.جيڪو هو في پيڪيٽ 1650 روپئي ۾ وڪرو ڪري رهيو هئو.ياد هجي ته هاڻي تائين پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 2 ڪيس سامهون آيا آهن.جنهن ۾ هڪ مريض کي ڪراچي ۽ جڏهن ته ٻئي مريض کي اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي.رينجرز جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته جنهن شرپسندن تي شڪ هجي ته ان سرگرمي ۽ ناخوشگوار واقعي جو فوري اطلاع رينجرز هيلپ لائين 1101 تي ڪال ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو