رينجرز جي ڪاروائي، پوليس موبائيل مان چرس برآمد 5 گرفتار

رينجرز جي ڪاروائي، پوليس موبائيل مان چرس برآمد 5 گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي سي آءِ اي پوليس ڄامشورو جي موبائل مان ڏيڍ مڻ کان مٿي چرس هٿ ڪري ورتو. ڄامشورو پوليس چرس وڪرو ڪرڻ لاء پوليس موبائل کڻيو پئي وئي. بوٽ بيسن پوليس سي آء اي اهلڪار اسلم باريجو سميت 5 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آء اي ڄامشورو جو ڪرتا ڌرتا منشي اصغر پنهور فرار ٿي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سي آء اي سينٽر کي سيل ڪري عملي کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي ان معاملي جي جاچ لاء چار رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو