سکر(جئيرام داس ) موٽر وي ۽ هاءِ ويز تي عام عوام کي روڊ سيفٽي، ٽريفڪ قانون جي آگاهي ۽ روڊ حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون، اهڙو اظهار ايس پي موٽر وي سکر ايس پي موٽر وي سکر سيڪٽر زاهد نذير ورياهه صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته آءِ جي موٽر وي ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، ايڊيشنل آءِ جي سائوٿ ريجن زبير احمد هاشمي ۽ ڊي آءِ جي موٽر وي سنڌ ڊاڪٽر مسرور عالم ڪولاچي جي خصوصي هدايتن تي سکر سيڪٽر ۾ ٽريفڪ قانون جي آگاهي ڏيڻ لاءِ موٽر وي پوليس طرفان مختلف پروگرام منعقد ڪيا پيا و ڃن، ان ڏس ۾ موٽر وي پوليس سکر سيڪٽر ۾ مختلف هنڌن تي موبائل ايجوڪيشن ٽيم جا آفيسر انسپيڪٽر صلاح الدين، انسپيڪٽر محمد پرويز ڏهر ، ٽريفڪ قانون ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ بابت عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ موٽر سائيڪل، ڪار ، ٽريڪٽر ٽرالي، ٽرڪ، ٽرالر ۽ آئل ٽينڪر جي ڊرائيورن کي مختلف وقتن ۾ آپريشنل ٽيمن سان گڏجي ٽريفڪ قانون ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ بابت مفيد ڄاڻ ڏئي رهيا آهن، ايس پي موٽر وي زاهد نذير ورياهه جو چوڻ آهي ته هالاڻي کان ڪوٽ سبزل تائين سيڪٽر سکر موٽر وي پوليس جا آفيسر عام عوام کي روڊ سيفٽي ، ٽريفڪ قانون ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ لاءِ آگاهي ڏئي رهيا آهن، ان سسلي ۾ موبائل ايجوڪيشن جي آفيسرن کي به متحرڪ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هاءِ ويز تي حددخلين جي خاتمي جي حوالي سان به موبائل ايجوڪيشن جا آفيسر مختلف هنڌن تي عام ماڻهن کي حددخلين جي نقصانن جي حوالي سان آگاهي ڏئي رهيا آهن ته نيشنل هاءِ وي تي حددخلين جي هرگز اجازت ناهي، ڇاڪاڻ ته حددخلين جي ڪري خطرناڪ روڊ حادثا ٿيندا آهن، حددخليون قائم ڪندڙ عناصرن جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي ته جيئن خطرناڪ حادثن کان بچي سگهجي.










