رولو ڪتن هڪ ڏينهن ۾ 50 کان مٿي ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

رولو ڪتن هڪ ڏينهن ۾ 50 کان مٿي ماڻهن کي ڏاڙهي وڌو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو مختلف شهرن ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جي واقعن ۾ هڪ ڏينهن ۾  عورتن ۽ ٻارن سميت 50 کان مٿي واقعا رپورٽ ٿيا آهن. شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو، هوسڙي، ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي، فيض گنج، عمر ڪوٽ ، ٽنڊومحمد خان ۽ ٻين علائقن ۾ رولو ڪتن ٻارڙن ۽ عورتن سميت 18 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، دادو ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 13 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي ٿيا، پاٽ ۾ ڇِتي ڪتي ٻالڪ رمضان چانڊيو جو منهن پٽي ورتو، ٻانهن ۽ جسم جا ٻيا حصا به متاثر، اک ضايع ٿيڻ جو خدشو، هوسڙي ويجهو ڳوٺ توڪل ميرجت ۾رولو ڪتن نينگر کيمون ڪولهي کي ڏاڙهي وڌو، ٺري ميرواهه ۾ رولو ڪتن 4 ٻارن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ رند حاجاڻو ۾12 سالن جي احمد علي حاجاڻو کي رولو ڪتن اسڪول ويندي ڏاڙھي وڌو، ڪنب جي ڳوٺ گل محمد سومرو ۾ 8 سالن جو نينگر معراج سومرو به ڪتن جي حملي ۾ زخمي، فيض گنج ۾ رولو ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، عمرڪوٽ ۾ رولو ڪتن ٻارن ۽ عورتن سميت 5 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ٽنڊومحمدخان جي بئراج ڪالوني ۾ درگاھ سلطان شاهه وٽ 5 ڪتن حملو ڪري 56 سالن جي علي احمد درس کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ فريال ٽالپور ۽ گيانچند ايسراڻي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي سنڌ حڪومت غيرقانوني قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو