روضه رسول صه جي توهين قابل مذمت

روضه رسول صه جي توهين قابل مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته روضه رسول جي بي حرمتي قابل مذمت آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ تعبير نٿو ڪري سگهجي. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي روضه رسول تي حاضري جي موقعي تي مسجد نبوي ۾ موجود ڪجهه ماڻهن نعرا هنيا ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي توهين پڻ ڪئي.وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي مسجد نبوي تي حملي جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جنهن جي مذهبي ۽ ٻين شخصيتن طرفان سخت مذمت ڪئي پئي وڃي. ان معاملي تي رد عمل ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته توهين رسالت جو واقعو قابل مذمت آهي، درگاهه جي تقدس جو به خيال نه رکيو ويو.جي يو آءِ سربراهه چيو ته جمعي جي الوداعي اجتماعن ۾ سمورن فرقن جي امامن کي ان عمل جي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ امت مسلمه کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته ان کي مقدسات جي توهين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو سمجهي سگهجي، سياسي اختلاف تي احتجاج ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو