ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٽن مهينن ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ 12 ڪروڙ ن ڊالر جمع ڪرايا ويا آهن.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته دنيا جي 90 ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين 49 هزار.347 روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ 12 ڪروڙ ڊالر جمع ڪرايا آهن. ڊجيٽل اڪائونٽ کولڻ جو سراسري تعداد روزانو 700 آهي.مرڪزي بئنڪ جي مطابق ، روشن اڪائونٽ ذريعي 7 ڪروڙ ڊالرن جا نوان پاڪستان سرٽيفڪيٽس خريد ڪيا ويا آهن.










