واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن ان امڪان کي رد ڪري ڇڏيو ته پولينڊ جي سرزمين تي فائر ڪيل ميزائل روس طرفان فائر ڪيو ويو هو.آمريڪي صدر جو بائيڊن، جيڪو انڊونيشيا ۾ جي 20 سربراهي اجلاس ۾ آهي، پولينڊ تي ميزائل حملي کانپوءِ اتحادي ملڪن جي اڳواڻن سان فوري طور تي بند ڪمري واري ملاقات ڪئي.ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ابتدائي معلومات مان ظاهر آهي ته ميزائل شايد روس طرفان فائر نه ڪيو ويو هجي.آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته هو پولينڊ تي ميزائل حملي جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ۾ ساڻس تعاون ڪندا.ميزائل جي رفتار جو حوالو ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته ابتدائي معلومات مان ظاهر آهي ته ميزائل شايد روس طرفان فائر نه ڪيو ويو هجي.آمريڪي صدر پولش صدر، اتحادي ملڪن ۽ نيٽو سربراهه سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.ان حوالي سان آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن موقف اختيار ڪيو آهي ته پولينڊ تي ميزائل حملي بابت ايندڙ قدم کڻڻ کان اڳ جاچ ڪئي ويندي.










