روبيو جو جئشنڪر کي فون آمريڪا ۽ ڀارت ۾ سفارتي ڇڪتاڻ تيز

روبيو جو جئشنڪر کي فون آمريڪا ۽ ڀارت ۾ سفارتي ڇڪتاڻ تيز

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)’آمريڪي ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ۽ ايراني تيل جي غيرقانوني فراهمي برداشت نه ڪئي ويندي.‘
بي بي سي موجب آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي پنهنجي ڀارتي هم منصب ايس جئي شنڪر سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران چيل انهن لفظن تي ڀارت ۾ سخت ردِعمل سامهون اچي رهيو آهي۔
عمان جي سامونڊي ڪناري ڀرسان هڪ آئل ٽينڪر تي آمريڪي حملي ۾ ٽن ڀارتي ملاحن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڀارتي پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو۔
جئي شنڪر موجب هن ان واقعي تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پر ان ڳالهه ٻولهه بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي جي بيان تي ڀارت ۾ سخت ردِعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي۔
ڀارت ۾ مخالف سياسي جماعتن ۽ اڳوڻن سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير ڀارتي ملاحن جي فوتگي تي افسوس ظاهر ڪرڻ بدران سخت ٻولي استعمال ڪئي ۽ هڪ طرح سان ڀارت کي چتاءُ ڏنو آهي۔
واضح رهي ته 10 جون تي عمان جي ساحل ويجهو هڪ آئل ٽينڪر تي آمريڪي حملي ۾ ٽن ڀارتي ملاحن جي فوتگي واري معاملي تي هڪ سينيئر آمريڪي سفارتڪار کي پڻ طلب ڪيو ويو هو۔
بعد ۾ جمعي ڏينهن پرڏيهي وزارت عمان ۾ سامونڊي جهازن تي حملن خلاف احتجاج لاءِ آمريڪي سفارتڪار جيسن ميڪس کي ٻيهر طلب ڪيو۔ کين ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪي معاملن) طلب ڪيو هو۔
اربع ڏينهن پالائو جي جهنڊي هيٺ هلندڙ جهاز سيٽبيلو تي حملي ۾ فوت ٿيل ڀارتي ملاحن جي سڃاڻپ ڊيڪ ڪيڊٽ آدتيه شرما ۽ انجڻ فٽر شيونند چورسيا طور ٿي آهي۔
واضح رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻئي صدارتي دور جي شروعات کان ئي ڀارت ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي۔
آمريڪي صدر جن ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، انهن ۾ ڀارت به شامل هو۔ گذريل سال پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار کان پوءِ آمريڪا جون پاڪستان سان ويجهڙايون وڌيون، جڏهن ته ڀارت سان لاڳاپا وڌيڪ پيچيده ٿي ويا هئا۔
’سڀني جهازن کي آمريڪي فوج جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي‘
آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيان موجب، ڀارتي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران آمريڪي پرڏيهي وزير زور ڀريو ته سڀني واپاري جهازن کي آمريڪي فوج جي حڪمن تي فوري عمل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي ان سامونڊي گذرگاهه ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔
آمريڪي پرڏيهي وزير اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ۽ ايراني تيل جي غيرقانوني ترسيل برداشت نه ڪئي ويندي۔
ان ڳالهه ٻولهه بابت ڀارتي پرڏيهي وزير ايڪس تي لکيو ته هن آمريڪي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران خليج ۾ آمريڪي بحريه جي حملن تي ڀارت جو احتجاج ٻيهر ورجايو۔
هن واقعي واشنگٽن ۽ نئين دهلي جي وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ وڌائي ڇڏي آهي۔
ڪانگريس جي پارليامينٽ ميمبر ششي ٿرور آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان کي ”غير حساس“ قرار ڏيندي آمريڪا ۽ ڀارت جي دوستي بابت سوال اٿاريا آهن۔
ششي ٿرور ايڪس تي لکيو ته: ”آمريڪي پرڏيهي کاتي جو بيان پڙهي مون کي سخت صدمو رسيو آهي۔ ان ۾ بيگناهه ڀارتي شهرين جي فوتگي تي افسوس يا همدردي جو ڪو ذڪر ئي ناهي۔ ڪو دوست ۽ اسٽريٽجڪ شريڪ ايترو غير حساس ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟“
هن چيو ته: ”ڇا قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ واپاري جهاز کي ڪنهن ٻئي طريقي سان روڪي نٿو سگهجي ها، جنهن ۾ ڪنهن جي جان نه وڃي؟ ميزائل حملي ذريعي عملي کي مارڻ بدران جهاز جي اوزارن کي ناڪاره بڻائي سگهجي پيو.“
ششي ٿرور وڌيڪ لکيو ته: ”انهن اهم سامونڊي رستن مان گذرندڙ گهڻن واپاري جهازن تي ڀارتي عملو هوندو آهي، ڇا هاڻي اهي سڀ آمريڪي ميزائلن لاءِ آسان هدف بڻجي ويندا؟“
ڪانگريس اڳواڻ پون کيڙا ان صورتحال کي ڀارت لاءِ ”شرمناڪ“ قرار ڏنو آهي۔ پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته آمريڪا کي آمريڪي حملي ۾ ٽن نوجوان ڀارتي ملاحن جي فوتگي تي بنا شرط معافي گهرڻ گهرجي هئي۔ ان جي بدران پرڏيهي وزير روبيو مبينا طور خبرداري جاري ڪئي۔ ”هي حڪم ڏيڻ واري ٻولي آهي، پشيماني واري نه.“
هن چيو ته: ”آمريڪا نه ته فوتگين کي تسليم ڪيو، نه ذميواري قبول ڪئي ۽ نه ئي افسوس جو اظهار ڪيو.“
ڀارتي صنعتڪار صابر ڀاٽيا لکيو ته: ”ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا ڀارت کي دوست نٿو سمجهي، ڀلي اسان جو پرڏيهي وزير اسان کي ڪجهه به ٻڌائي.“
جھارکنڊ مڪتي مورچا پنهنجي ايڪس هينڊل تي لکيو ته: ”افسوس جي ڳالهه آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ڳالهه ٻولهه دوران ملاحن جي فوتگي جو ذڪر به نه ڪيو.“
’هي ڪهڙو دوست آهي؟‘
سينيئر صحافي راجديپ سردیسائي آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان تي لکيو ته: ”نه همدردي، نه افسوس؛ بيگناهه ڀارتي ملاحن جي موت جو سبب بڻجندڙ حملن بابت روبيو جو بيان مايوس ڪندڙ آهي.“
هن چيو ته واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ بين الاقوامي قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي۔ آمريڪي سفارتڪارن کي طلب ڪرڻ يقيناً ڪافي ناهي، پر ان کان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي۔
هند-پئسفڪ معاملن جي ماهر ڊيـرڪ جي گروسمين ايڪس تي لکيو ته: ”روبيو جا بيان غير حساس هئا ۽ انهن سان آمريڪا مخالف جذبا وڌيڪ ڀڙڪندا.“
هن چيو ته: ”ڀارت صحيح طور آمريڪا آڏو قانون جي حڪمراني جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، پر مسئلو اهو آهي ته ٽرمپ جو آمريڪا هاڻي حقيقت ۾ ان تي يقين نٿو رکي.“
ڀارت جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي معاملن جي ماهر نروپما رائو پروفيسر گروسمين جي پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته روبيو ۽ جئي شنڪر جي ڳالهه ٻولهه بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هڪ وڏي رجحان جي ياد ڏياري ٿي۔
هن لکيو: ”طاقت هاڻي پابندين، ناڪابندين، ٽيرفن ۽ جبر جي ٻولي پوري شدت سان ڳالهائي رهي آهي۔ ڀارت جا ٽي ملاح مارجي ويا، پر آمريڪا جو جواب قانون لاڳو ڪرڻ تي مرڪوز رهيو.“
نروپما رائو جو چوڻ آهي ته: ”آمريڪا انتهائي سخت رويو اختيار ڪري رهيو آهي ۽ نرم لهجو استعمال نٿو ڪري.“
ڇا هي ڀارت لاءِ خبرداري آهي؟
آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز جي سفارتي ناما نگار ايڊورڊ وونگ، مارڪو روبيو جي موقف کي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ ”ڀارت لاءِ خبرداري“ قرار ڏنو۔
هن لکيو: ”ٽرمپ انتظاميا جا اهڙا قدم جاري آهن جن سبب ڀارت ناراض ٿي رهيو آهي، خاص طور تازن ڏينهن ۾ عمان ڀرسان هڪ واپاري جهاز تي حملو، جنهن ۾ ٽي ڀارتي ملاح مارجي ويا، ۽ هاڻي روبيو ڀارت کي خبردار به ڪري ڇڏيو آهي.“
انگريزي اخبار دي هندو جي سفارتي ايڊيٽر سهاسني حيدر موجب جئي شنڪر ۽ روبيو جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه بابت آمريڪي پرڏيهي وزارت جو بيان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گهرا اختلاف ظاهر ڪري ٿو۔
دفاعي ماهر ميجر جنرل جي ڊي بخشي ڀارتي ملاحن جي فوتگي ۽ ڀارت-آمريڪا دوستي تي سوال اٿاريندي لکيو ته: ”ايران جو 90 سيڪڙو تيل چين وڃي ٿو، 200 کان وڌيڪ چيني جهازن هن ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، پر ڪنهن به چيني يا روسي جهاز تي حملو نه ٿيو آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته: ”ڀارت آمريڪا سان دوستي لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آمريڪا ڀارتي ملاحن کي ماري ان جو جواب ڏنو.“
هن آخر ۾ لکيو ته: ”آمريڪي سفارتڪار ڪسنر صحيح چيو هو ته آمريڪا جو دشمن هجڻ خطرناڪ آهي، پر ان جو دوست هجڻ جان ليوا آهي.“

پهنجو تبصرو موڪليو