اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ دوران وفاقي سرڪاري آفيسن جا ڪم جا ڪلاڪ جاري ڪري ڇڏيا آهن.حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب رمضان المبارڪ دوران سومر کان خميس تائين وفاقي سرڪاري آفيسن جا ڪم جا ڪلاڪ صبح 7:30 کان منجهند 1:30 وڳي تائين هوندا.سرڪاري اعلان موجب جمعي تي وفاقي سرڪاري آفيسن جا ڪلاڪ صبح 7:30 کان منجهند 12 وڳي تائين هوندا، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي عام موڪل هوندي.










