خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ويجهو رشتو نه ملڻ تي جوابدار پسٽل جا فائر ڪري نوجوان ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، خبرموجب، خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ لُنڊي ٽوڙي ۾ رشتو نہ ملڻ تي جوابدار رفيق پنهيار مبينا طور حملو ڪري نوجوان ناري سائره پنهيار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ناري جي والد کان رشتو گهريو جيڪو نہ ڏيڻ تي هن حملو ڪري گهر اندر ماني پچائيندڙ ناري سائره مٿان پسٽل جا فائر ڪيا، ناري موقعي تي ئي قتل ٿي وئي جڏهن تہ جوابدار فرار تي ويو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي جا تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، اسپتال ۾ موجود مقتولا جي والد لال محمد پنهيار ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار رفيق پنهيار مُونکان ڌي جو سڱ گهريو پر منهنجي ڌي جي منهنجي ڀاڻيجي شهباز پنهيار سان مڱڻي ٿيل هئي ۽ جلد شادي ٿيڻ واري هئي، اڄ جوابدار رفيق پنهنجي پيءُ رياض سان گڏجي حملو ڪري منهنجي نياڻي کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن مقتولا ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب، ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ڪير به نه آيوآھي جيڪڏهن وارثن مان ڪو ايندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..










