رستم واسي فوجي شهيد، ماڙي جو نوجوان مٽيءَ ماءَ حوالي

رستم واسي فوجي شهيد، ماڙي جو نوجوان مٽيءَ ماءَ حوالي

لکي غلام شاھ(رپورٽ:نثارمنگي) رستم واسي فوجي نوجوان حماد مشتاق ولد مشتاق احمد قريشي پنهنجي وطن جي حفاظت لاء اسڪردو جي پهاڙن مٿان ڊيوٽي ڪندي پهاڙ تان پير ترڪڻ جي نتيجي ۾ ھيٺ وڃي ڪريو ۽ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي فوجي جوانن کڻائي اسپتال ۾ منتقل ڪيو پر هو شھيد ٿي ويو جنهن جو مڙھ  ھڪ ڏينهن بعد رستم شھر ۾ پهچندو جتي فوجي اعزاز سان مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو رستم شھر ۾ خبر پوڻ تي شھر ۾ سوڳ وارو ماحول آهي. ٻئي پاسي ڳوٺ ماڙي درگاهه ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 15 ورھين جو نينگر علي گوھر ولد رانجھن جعفري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب لاڙڪاڻو جي چانڊڪا اسپتال ۾ ريفر ڪيو ويو جتي ھڪ ڏينهن داخل ھجڻ بعد زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.جنهن جي جنازي نماز پڻ ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنهن کان پوء ڳوٺ ڀرسان مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو