لکي غلام شاھ(رپورٽ:نثارمنگي)رستم ٿاڻي جي حد مان ڌاڙيل ھٿان اغوا ٿي ويل رستم واسي 2 نوجوان اسدالله آرائين ۽ شاھد قريشي ھڪ ھفتو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيا ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ۾ چڙھائيون ڪيترن ئي ڏوهارين جا گهر ڊاھي پٽ ڪيا ويا 10 کان مٿي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيون ويو پوليس چڙهائين دؤران مختلف ڳوٺن مان 20 کان مٿي مختلف برادرين سان واسطو رکندڙن ماڻھن کي ڏوهارين جا ساٿاري ۽ پاٿاريداري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي شڪارپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاء آپريشن جاري آھي ٻنهي نوجوانن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو جيستائين ٻنهي نوجوانن کي بازياب نه ڪرائبو تيستائين سک جو ساه نه کڻنداسين.










