رخسانه ۽ قادربخش جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري

رخسانه ۽ قادربخش جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري

ڪراچي( نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ بي دردي سان قتل ٿي ويل ٻن معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي قاتلن جي ڦاھي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويو. اسلام ڪوٽ ۾ 15ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ٽائون موڙ تي ڌرڻو هنيو ويو. سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدي ڪبيرڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين ٻارڙن مارچ ڪيو.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته فوري طور رخسانا ۽ قادر بخش سيال جي قاتلن کي ڦاھي ڏني وڃي. قصور جي زينب جو قاتل ٽن مھينن دوران ڦاھي چڙھي سگھي ٿو ته رخسانا جو ڇو نه. ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ سنڌ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي. ياد رهي ته حيدرآباد ۾  جي او آر ڪالوني  ۾ پنج ڏينھن اڳ وحشين پاران ٻن معصوم ٻارن رخسانا ۽ قادر بخش سيال کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو هو.*** ٽنڍوباگو ۾ پڻ رخسانه سيال ۽ قادر بخش سيال جي قتل خلاف سجاگ ٻار تحريڪ پاران جمالي سي اين جي پمپ کان ٽنڊو باگو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي سجاگ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن وزيراعلی سنڌ ، آء جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته مقتولن جي قاتلن کي فوري  گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو