اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ سينيٽر رحمان ملڪ 70 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. رحمان ملڪ جا ڦڦڙ دل جي بيماري سبب متاثر ٿيا ۽ رحمان ملڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان خانگي اسپتال ۾ وينٽيليٽر تي هو. سينيٽر رحمان ملڪ، جيڪو 2008 کان 2013 تائين گهرو معاملن جو وفاقي وزير رهيو، سوڳوارن ۾ بيواهه ۽ ٻه پٽ ڇڏيا آهن. رحمان ملڪ کي بينظير ڀٽو جي تمام ويجهو سمجهيو ويندو هو ۽ هن ميثاق جمهوريت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. رحمان ملڪ کي ڪراچي يونيورسٽي طرفان اعزازي پي ايڇ ڊي پڻ ڏني وئي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو ۽ سيد ناصر حسين شاهه، مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال ۽ اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس درجات جي بلندي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پڻ سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪيو.










