راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٻيهر ملتوي

راڻا ثناءُ الله خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٻيهر ملتوي

لاهور(ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي، عدالت ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.لاهور جي اينٽي نارڪوٽڪس عدالت ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. راڻا ثناءَ جي وڪيل چيو ته وفاقي وزير مصروفيت سبب بجيٽ اجلاس ۾ پيش نه ٿي سگهيو. منشيات جي خاتمي واري خاص عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو