اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن ڀٽي ڪيس ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ 3 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ مسيحي جوڙي شهزاد مسيح ۽ سندس حامله گهرواري شمع بيبي کي اِيٽن جي بٺي ۾ زنده ساڙڻ واري ڪيس ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ ٽنهي جوابدارن، عرفان، مهدي ۽ رياض کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالتِ عظميٰ 102 جوابدارن جي بريت خلاف پنجاب حڪومت جي درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي.اهو ڏکوئيندڙ واقعو 4 نومبر 2014ع تي پيش آيو هو، جڏهن مذهب جي توهين جي الزام تي مشتعل هجوم شهزاد مسيح ۽ سندس حامله گهرواري شمع بيبي تي تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ کين اِيٽن جي بٺي ۾ زنده ساڙي ڇڏيو هو.واقعي کانپوءِ پوليس سوين ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس ۾ پنجن جوابدارن کي موت جي سزا جڏهن ته ٻين جوابدارن کي مختلف سزائون ٻڌايون هيون. بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ 5 مان 2 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته 3 جوابدارن جي موت جي سزا برقرار رکي هئي. پر هاڻي جسٽس ملڪ شهزاد احمد جي سربراهي ۾ قائم 3 رڪني بينچ اپيلن جي ٻڌڻي کانپوءِ ٽنهي جوابدارن کي به بري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.










