ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) راڄڌاني واري شهر ۾ صفائي جي شڪايتن لاءِ موبائل ايپ اچي وئي.سنڌ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ بورڊ جي مئنجنگ ڊائريڪٽر سيد امتياز علي شاهه جي ٽي ايس امتياز ۽ جي ٽي ايس شرافي جو تفصيلي دورو ڪري ڪچري کي وزن ڪرڻ جو طريقيڪار ۽ ڪچري جي جي ٽي ايس کان لينڊفل سائيٽ منتقلي جي حوالي سان ڪمپيوٽرائزڊ پاڻمرادو مانيٽرنگ جي نظام جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آپريشن طارق نظاماڻي ۽ آفيسر به موجود هئا.ايم ڊي سالڊ ويسٽ کي ٻڌايو ويو ته گاڏين ۾ ٽريڪنگ سسٽم، ڊسٽبن ۾ چپ سسٽم ۽ جي ٽي ايس مان لينڊ فل سائٽ تائين ڪچري جي منتقل جو سمورو عمل ڪمپيوٽر مانيٽرنگ سسٽم تحت هيڊ آفيس ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ۽ پنهنجي موبائل فون تي ڪنهن به وقت ڏسي سگھون ٿا، سمورو عمل پاڻمرادي نظام تحت شفاف طريقي سان ڪيو پيو وڃي.شهرين جي شڪايت ۽ ان جي وقت سر ازالي لاءِ هڪ موبائل ايپ به متعارف ڪرائي وئي آهي، صفائي يا ڪچري بابت شڪايت لاڳاپيل آفيسر ۽ عملي تائين بروقت منتقلي ۽ شڪايت جو ازالو بروقت يقيني بڻايو پيو وڃي، هي ايپ هن مانيٽرنگ سسٽم سان به لنڪ ڪئي وئي آهي.










