راولاڪوٽ: (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ڪشمير جي علائقي راولا ڪوٽ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪيترن ئي مهينن کان جاري اتحاجي ڌرڻن خلاف صبح سوير ڪيل آپريشن جي دوران بس ٽرمينل کي مظاهرين کان خالي ڪرائي ورتو. اهو هنڌ گذريل 5 مهينن کان ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن جي قبضي هيٺ هو. انهي کان علاوه راولا ڪوٽ ۾ مختلف هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا آهن جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان جاري آهن.سرڪاري ٽي وي جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن ضلع باغ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪليئرنس آپريشن ڪندي ڪويان واري هنڌ تي جاري ڌرڻو به ختم ڪرائي ورتو. آپريشن کان پوءِ انتظاميه راولا ڪوٽ ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي 5 يا انهي کان وڌيڪ ماڻهن جو ڪنهن به هنڌ يا اجتماع، جلسي، جلسوس، ريلي ۽ احتجاج ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.اي جي پوليس طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ ٻڌايو ويو ته راولا ڪوٽ بس ٽرمينل جي هنڌ عوامي رستن تي قائم غيرقانوني رنڊڪون هٽائڻ ۽ شهري جي اچ وڃ بحال ڪرڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ضروري قدم کنيا. پريس رليز موجب انهي دوران فسادي جٿي جي هٿياربندن پوليس تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليس جوابي ڪارروائي ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا جنهن جا تفصيل جلد ئي جاري ڪيا وڃن. جڏهن ته ٻئي طرف انتشاري جٿي جي ڪجهه هٿياربندن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.پوليس جي پريس رليز ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي حقيقتن جي ابتڙ هٿ ٺوڪيون دعوائون پکيڙيون پيون وڃن، جنهن جو مقصد عوام ۾ خوف حراس پيدا ڪرڻ ۽ صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ واري بنائڻ آهي.واضح رهي ته سوشل ميڊيا تي مظاهرين ۽ مقامي ماڻهن طرفان سندن خلاف طاقت جي استعمال جون دعوائون ڪيون پيون وڃن. ڪيترين ئي پوسٽن موجب ڪيترائي مظاهرين زخمي ٿيا آهن. پر حڪومت طرفان زخمين جي ڪابه تفصيل جاري نه ڪئي وئي آهي نه ئي انهن دعوائن جي آزادانه طور تي تصديق ٿي سگهي آهي.










