راجن پور ۾  پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، 5 ڌاڙيل مارجي ويا، 1 اهلڪار شهيد

راجن پور ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي، 5 ڌاڙيل مارجي ويا، 1 اهلڪار شهيد

راجن پور (ويب ڊيسڪ)راجن پور ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي دوران 5 ڌاڙيل مارجي ويا.پوليس ترجمان موجب ڪچا پوليس پوسٽ بهرامچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن دوران فائرنگ جو ڏي وٺ ٿي، جنهن بعد پوليس ۽ رينجرز جي جوابي ڪارروائي ۾ 5 ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو پوليس ترجمان موجب شهيد ٿيل پوليس اهلڪار راحت سليم ڪوٽ مٺن جو رهواسي هو.ٻئي طرف سکر جي ڪچي واري علائقي ۾ چورن خلاف ڪارروائي ڪندي 4 يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته 2 ڦورو زخمي حالت ۾ پنهنجي ساٿين سميت فرار ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو