راجن پور (ويب ڊيسڪ)راجن پور ۾ هٿياربندن وين مان 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.پوليس موجب واقعو راجن پور جي علائقي سونمياڻي ۾ پيش آيو، جتان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي وين کي روڪي 4 ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته چور جوابدارن کي يرغمال بڻائي ڪچي واري علائقي ۾ فرار ٿي ويا، يرغمالي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.










