راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي.سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ راجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو. پينل آف چيئرمين سردار اياز صادق راجا پرويز اشرف کان حلف کڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چونڊجڻ جو اعلان ڪيو.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي تشدد جي سخت مذمت پڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو