رات کي ڏينهن بڻائڻ وارو خلائي آئينو، تڪراي ڇو بڻجي ويو؟

رات کي ڏينهن بڻائڻ وارو خلائي آئينو، تڪراي ڇو بڻجي ويو؟

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)تازو آمريڪا جي فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن (FCC) ڪيليفورنيا ۾ قائم نئين ٽيڪنالاجي ڪمپني رفليڪٽ آربيٽل کي پنهنجي پهرين تجرباتي “خلائي آئينو” نالي سيٽلائيٽ ايرينڊل-1 (Eärendil-1) کي خلا ۾ موڪلڻ ۽ هلائڻ لاءِ سرڪاري لائسنس جاري ڪيو آهي.
هي سيٽلائيٽ هلندڙ سال خلا ۾ موڪليو ويندو، جتي اهو 60 فوٽ (18 ميٽر) ڊگهو انتهائي عڪس موٽائيندڙ باريڪ فلم وارو آئينو کولي ڇڏيندو. ان جو بنيادي مقصد ضرورت موجب مختلف هنڌن تائين سج جي روشني پهچائڻ ۽ ان خدمت کي تجارتي بنيادن تي وڪڻڻ آهي.
اسپيس ڊاٽ ڪام موجب، رفليڪٽ آربيٽل جو ڊگهي مدي وارو منصوبو انتهائي وڏو آهي. ڪمپني جو هدف آهي ته 2035ع تائين اهڙن 50 هزار خلائي آئينن تي ٻڌل سيٽلائيٽن جو نيٽ ورڪ مدار ۾ قائم ڪرڻ جو آهي.
ڪمپني پنهنجي ويب سائيٽ تي لکيو آهي، “اسان جو پهريون مشن اسان جي سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل هوندو، جيڪو اسان کي پنهنجي ٽيڪنالاجي، حفاظتي نظامن ۽ عملي حالتن ۾ حاصل ٿيندڙ ڊيٽا جي جاچ جو موقعو فراهم ڪندو، جنهن جي بنياد تي مستقبل جا منصوبا تيار ڪيا ويندا.”
24 ڪلاڪ شمسي توانائي
1993ع ۾ روس جي زناميا-2 (Znamya 2) نالي 20 ميٽر ڊگهو خلائي آئينو يورپ تي سج جي روشني موٽائي هڪ شعاع موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، پر رفليڪٽ آربيٽل جو منصوبو ان کان ڪافي مختلف آهي.
ايرينڊل-1 جو بنيادي مقصد اهو ثابت ڪرڻ آهي ته هڪ وڏو عڪس موٽائيندڙ پردو زمين جي ويجهي مدار ۾ ڪاميابي سان کلي سگهي ٿو ۽ سج جي روشني کي انتهائي درستگي سان زمين تي مخصوص هنڌن ڏانهن موڙي سگهي ٿو.
“ضرورت موجب سج جي روشني” واري هن ٽيڪنالاجي ذريعي پنج کان ڇهه ڪلوميٽرن جي علائقي کي تجارتي، زرعي يا هنگامي حالتن ۾ روشن ڪرڻ جو منصوبو آهي. شروعاتي آزمائش دوران سائنسدان اهو به ڏسندا ته ڇا هي آئينو مدار جي تيز رفتار باوجود پنهنجي شڪل برقرار رکي سگهي ٿو ۽ روشني کي صحيح نشاني تي پهچائي سگهي ٿو.
هن منصوبي جو سڀ کان وڏو مقصد صاف ۽ ماحول دوست توانائي پيدا ڪرڻ آهي. ڪمپني جو خيال آهي ته جيڪڏهن رات جي وقت مدار ۾ موجود آئينن ذريعي شمسي فارم تي سج جي روشني موٽائي وڃي ته پوءِ شمسي توانائي مان 24 ڪلاڪ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.
ان کانسواءِ، هي ٽيڪنالاجي ڳولا ۽ بچاءُ (Search and Rescue) جي ڪارروائين، رات ڏينهن جاري رهندڙ تعميراتي منصوبن ۽ زراعت ۾ فصلن جي واڌ ويجهه کي بهتر بڻائڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿي.
تڪراري خلائي آئينو
پر هر ڪو هن مصنوعي ڏينهن جي روشني واري خيال سان متفق ناهي. سائنسي برادري هن منصوبي تي سخت اعتراض ڪري رهي آهي. 1,800 کان وڌيڪ عوامي رايا ايف سي سي کي موڪليا ويا، جن ۾ فلڪيات جي ماهرن خبردار ڪيو ته هي منصوبو رات جي قدرتي اونداهي آسمان لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.
ايف سي سي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن وقت صرف هڪ محدود ۽ تجرباتي مشن جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن جو مقصد رڳو هن نئين ٽيڪنالاجي جي جاچ ڪرڻ آهي. اداري جو چوڻ آهي ته ان سان آمريڪا جي خلائي صنعت ۾ اڳواڻي کي پڻ هٿي ملي سگهي ٿي.
ٻئي طرف، ناقدن جو چوڻ آهي ته هن سيٽلائيٽ مان موٽايل روشني مڪمل چنڊ جي روشني کان لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌيڪ تيز هوندي، جيڪا نه صرف جهنگلي جيوت کي متاثر ڪري سگهي ٿي، پر فضا ۾ روشني جي پکڙجڻ سبب ماحول تي به ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي.
انهن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ 50 هزار اهڙا سيٽلائيٽ مدار ۾ موڪليا ويا ته رات جي آسمان جي روشني 300 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي، جنهن سان زمين تي موجود فلڪياتي دوربينن ذريعي مشاهدو ڪرڻ تقريباً ناممڪن ٿي سگهي ٿو.
آمريڪن ايسٽراناميڪل سوسائٽي پڻ هن ٽيڪنالاجي جي سخت مخالفت ڪئي آهي. اداري موجب مدار مان ايندڙ انتهائي تيز روشني شوقيه فلڪيات دانن جي اکين کي مستقل نقصان پهچائي سگهي ٿي، پائلٽن ۽ رات جو گاڏي هلائيندڙ ماڻهن کي عارضي طور نظر وڃائڻ جهڙن خطرن کي به جنم ڏئي سگهي ٿي.
ڪمپني جا حفاظتي اپاءَ
رفليڪٽ آربيٽل جو چوڻ آهي ته ماحولياتي ۽ سائنسي اثر گهٽائڻ لاءِ هن ٽيڪنالاجي ۾ ٽي اهم حفاظتي انتظام شامل ڪيا ويا آهن. انهن ۾ روشني کي صرف مقرر ڪيل علائقي تائين محدود رکڻ، ضرورت پوڻ تي شعاع کي فوري طور بند ڪرڻ، ۽ فلڪياتي رصدگاهن ۽ محفوظ قدرتي علائقن کان شعاع کي پري رکڻ شامل آهي.
ڪمپني اها به دعويٰ ڪري ٿي ته شعاع جي شدت قدرتي سج جي روشني کان ڪڏهن به وڌيڪ نه هوندي، تنهن ڪري اها انسان جي اکين لاءِ محفوظ هوندي، ايستائين جو جيڪڏهن ان کي دوربين ذريعي به ڏٺو وڃي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها روشني باهه لڳائڻ جي صلاحيت به نه رکندي.
في الحال ايرينڊل-1 اڪيلو ئي خلا ۾ موڪليو ويندو ۽ اهو صرف هڪ محدود ۽ مختصر عرصي وارو تجربو هوندو. پر جيڪڏهن اهو ڪامياب ٿيو ته مدار ۾ هڪ نئين خلائي صنعت جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
جڏهن ته هن وقت ئي زمين جي مدار ۾ هزارين سيٽلائيٽ موجود آهن، جيڪڏهن اهڙا خلائي آئينا به وڏي تعداد ۾ شامل ٿي ويا ته ممڪن آهي ته رات جي آسمان جي قدرتي اونداهي مستقبل ۾ هڪ ناياب نعمت بڻجي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو