عادلپور (محمد اسلم مھر) ڄام واھ وٽان ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيلڪل سوار ٻن ڄڻن پسٽل جي زور تي صحافي امجد ڪلوڙ جي ڀاءُ فرمان ڪلوڙ کان دڪان تان روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. عادلپور پوليس اطلاع ملڻ بعد ايس ايڇ او حنيف کوسو پاران ناڪابندي ڪرائي ڦورن جو پيڇو ڪندي ٻنهي جوابدارن ذوالفقار ڀٽي ۽ نثار ڀٽي کي ميرپور ماٿيلو ويجهو گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٻنهي جوابدارن کي عادلپور ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.










