گوادر (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دوست ملڪن بنا ڪنهن شرط جي مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. دوست ملڪ اسان جا خير خواهه آهن، سرمائيڪاري انهن کان ئي ايندي.گوادر ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب سان خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته مشڪل ۾ ساٿ ڏيڻ وارن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. دشمن ملڪ بلوچستان ۾ ترقي ۽ سياسي استحڪام نٿا چاهين. جيڪڏهن اسان حفاظت نه ڪنداسين ته ڪير سرمائيڪاري ڪندو. وزيراعظم چيو ته چين ٽوٽل 2.4 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪيو. سعودي عرب، چين، متحده عرب امارات اسان جي مدد ڪئي. هاڻ پاڪستان ڊيفالٽ جي خطري کان نڪري چڪو آهي. شهباز شريف چيو ته ايندڙ سال ليپ ٽاپ ڪوٽه 14 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري رهيا آهيون. هڪ لک ليپ ٽاپ گذريل بجيٽ جي حوالي سان ورهايا ويا. هڪ لک ليپ ٽاپ ايندڙ بجيٽ ۾ ورهايا ويندا. ليپ ٽاپ چئني صوبن جي ملڪيت ۽ انهن جي ميرٽ جو معيار آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوبه صوبو اڪيلي ترقي ڪندو ته پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي. اڳوڻي حڪومت کي گوادر ۽ بلوچستان جي ترقي پسند نه هئي. 5 سالن دوران هڪ لک ٽن سامان گهرايو ويو. جڏهن ته اسان جي دور ۾ 15 مهينن دوران 6 لک ٽن جو سامان گوادر مان آيو. اڪنامڪ سائيڪل جو فائدو گوادر ۽ بلوچستان جي عوام کي ٿيندو.وزيراعظم چيو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته 2015 کان پوءِ گوادر بندر گاهه جي ڊرلنگ نه ٿي آهي. جيڪڏهن صفائي نه ٿيندي ته جهاز ڪيئن ايندا؟ اسان معاهدو ڪري ڊرلنگ شروع ڪئي جيڪا فيبروري مارچ تائين مڪمل ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي گهرائين جي حوالي سان گوادر جو دنيا ۾ نالو آهي. گوادر جي سمنڊ جو دنيا جي گهري ترين سمنڊ ۾ شمار ٿيندو آهي. بلوچستان جي ترقياتي منصوبن ۾ عوام جي ترقي جو راز لڪل آهي.شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ اربين روپيه ضايع ڪيا ويا. پر ان سان عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيو. ريڪوڊڪ جي جهيڙي تي اربين روپيه لڳي ويا. ريڪوڊڪ سينڊڪ ۽ ٻيا خزانا صوبي ۾ موجود آهن. ذخيرن تي سڀني کان پهريون حق اتان جي عوام جو آهي.










