‘دوزخ جو دروازو’ پئسا ڪمائڻ  جو ذريعو

‘دوزخ جو دروازو’ پئسا ڪمائڻ جو ذريعو

مغربي ترڪي ۾ واقع شھر پاموڪالَي جي خاص ڳالھ اتان جي صاف جبلن جون قطارو ۽ پٿرآھن، جن باقي ميداني علائقي  کي پاڻ ۾ جزب ڪري ڇڏيو. چوني جو ھي پھاڙي  سلسلو اڳتي وادي ۾ لھندو وڃي ٿو،  جتان اهو هزارين نڍين پر چمڪندڙ نيري پاڻيءَ جي موجن سان گذري ٿو. اهو منظر ڏسي ڪري ايئن ٿو لڳي  ته ھي زمين جو نه پر ڪائنات جي ڪنهن ٻئي سياري جو هڪ حيرت انگيز نظارو آهي. ھتي موجود چوني جا ھي پٿر گذريل چار لک سالن کان قدرتي چشمن جي مدد سان ٺهيا آھن۔ جڏھن ھي پاڻي جبل جي علائقي مان گذري ٿو تڏھن پنھنجي پويان  وڏي مقدار ۾ اڇو ڪليشيئم ڪاربونيٽ ڇڏي ٿو ، جيڪو ٽي ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 160 ميٽر مٿانھو ن آهي ۔ جنهن کي ‘ٽريورٽائز’ سڏيو ويندو آهي. (ٽريورٽائنز : هڪ سفيد مضبوط قسم وارو چوني جو پٿر آھي  جيڪو چشمي جي پاڻي جي تري ۾ ڄمي ڪري سخت ٿيندو آهي)۔

هي دنيا جو واحد هنڌ ناهي جتي ٽريورٽائز ٺھي ٿي ۔ پاموڪالي  کان علاوه  اهي ٽريورٽائزچين جي علائقي  هوانگ لانگ ۽ آمريڪا جي ييلو اسٽون نيشنل پارڪ ميمٿ هاٽ  اسپرنگز ۾  پڻ  ملن ٿا۔ جيڪا ڳالھ پاموڪالي جي ٽريورٽائنز  ۾ آهي،  ٻيو ڪٿي به ناهي ۽ اها پنهنجي نوعيت ۾ تمام شاندار آهن. اهي ترڪي جي مشهور سياحتي مقامن  مان هڪ آھن ۽ ايترا ته دلڪش آهن جو يونيسڪو انھن کي ترڪي ۾ ’ڪپهه جو قلعو‘ قرار ڏنو ويو آهي.

Photo Courtesy BBC

ڪورونا وائرس جي وبا کان پهريان ازمير يا استنبول مان هر سال 25 لک ماڻهو هتي ايندا هئا ، سياحتي بسن ۾ ڀريل هي ماڻھو سڄي نظاري تي ائين ڇائنيل ھوندا آھن جيئن ڪوليون کنڊ تي ۔ ان کان  پوء اھي سياح  بورديم ۽ يوفيسز يعني فرات جي ساحلن کان ٻاهر تاريخي هنڌن تائين پهچندا آھن۔  جيڪي ماڻهو صرف هنن رنگ برنگي  تلاءَ ڏسڻ  يا روايتي سيلفي ٺاھي وقت وڃائن ٿا اھي  هڪ تمام اهم شيءِ کي ڏسڻ کان رھجي وڃن ٿا ، ڇاڪاڻ ته پاموڪالي واري جبل جي چوٽي تي هڪ ٻيو خزانو آهي ۽ اهو خزانو آھي  هيراپولس جا قديم آثار. هيراپولس جو بنياد 2صديون قبل مسيح ۾  اتالد بادشاهه جي دور ۾   رکيو ويو ۽ 133 عيسوي ۾ رومن ان تي قبضو ڪيو هو۔

رومن دور  ۾ ھي ھڪ ترقي يافته ‘سپا شهر’ بڻجي ويو  ٽئين صدر تائين  رومن سلطنت جي سڀني ڪنڊن کان ماڻھون ھتي گھمڻ ايندا رھيا. هن شهر جي ڪاميابي اڄ به ظاهر آهي۔ ان جو شاندار آرچ گيٽ ، ان جو مکيه رستو  ۽ ان جو  ريمپي۔ اھي سڀئي مقامي سفيد  پٿر مان ٺهيل آهن، جيڪي سخت گرمي ۾ سج جي ڪرندڙ  شعائن سان  چمڪندا آهن. ”گرم چشمن هن شهر جو بنياد وڌو “سدرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر سارا يومانز جو چوڻ آهي ته ٻئي صدي جي وچ تائين ، هيراپولس هڪ اهم شهر هو جتي منهنجو خيال آهي ته ھتي پري پري جي علائقن جا ماڻهو گھمڻ ايندا هئا ڇاڪاڻ ته اهڙا هنڌ سياحت جي لاء تمام گهڻا مشهور ھوندا آھن۔ رومي سلطنت ۾ هيراپولس جي ناپسنديده شهرت جو سبب ٻيو به هو. هن جڳهه کي ‘دوزخ جو گيٽ’ پڻ سمجهو وينديو هيو۔ مشهور چوڻي مطابق ، هتان  زير زمين ٽن منھن  واري بلا جي طرف رستو وڃي ٿو جيڪا پنھنجي مالڪ پلوٽو ديوتا جي چوڻ تي مھمانن کي کائي ڇڏيندي ھئي۔ پلوٽو جي اعزاز ۾  پلوٽونين جي مزار ھن جگھ  تي تعمير ڪئي وئي جتي زائرين مذهبي عالمن کي  پيسه ڏيندا ھئا، ان لاء ته پلوٽو ھنن لاء قربانيون ڏي۔  وقت جا ليکڪ جن ۾ پلني دي ايلڊر ۽ يوناني فلسفي سترابو شامل آهن،  اھي ھن قربانين کي ھڪ خوفناڪ منظر جي طور پيش ڪن ٿا۔

هڪ مذهبي ماڻهو هڪ جانور جھڙوڪ رڍ يا گابي کي مزار جي اندر وٺي ٿو  وڃي ۽ پوء  ڪنهن ديوتائي  عمل ذريعي اھو جانور اتي بيٺي بيٺي مري وڃي ٿو ۽ انسان زنده نڪري ٻاھر اچي ٿو۔  “مان 13 جهرڪيون هن ۾ اڇلايون ۽ اهي فورن  مري ويون” اسٽرابو لکي ٿو. اڄ جڏھن اوهان پلوٽونين  جو سير ڪيو ٿا ته  اهڙن تصورن جي اصلي ھجڻ کي  مڃڻ ٿورو مشڪل محسوس ڪيو ٿا۔

Photo Courtesy BBC

هن جي دريافت کان پوء  هن  کي قابل عمل آندو ويو آھي۔ ۽  هاڻي  ھي هڪ  پر سڪون  جاءِ آهي  جتان چمڪندڙ پاڻي وهندو آهي ۽ ان جي مٿان معدنيات مان مٿان واري جهڳ  ٺهي ٿي۔ هتي پلوٽو جو  ھڪ مجسمو تعمير ڪيو ويو آهي. منهنجو خيال آھي ته يقيناً اهي ڪهاڻيون انهيءَ ڪري ٺاھيون ويون  ته ڪئين  مذهبي ماڻهو زندهه  واپس ايندا ھئا۔ جرمني جي ڊوزبرگ ايسن يونيورسٽي ۾ حياتيات جو ماھر ھاردي فانز کي به اھو ئي سوال سوچڻ تي مجبور ڪندو ھو ته ان جو ڪو سائنسي سبب ھوندو، ڇا ھي ھڪ صرف آتش فشان جو محور ٿي سگھي ٿو؟ پنھنجي ھن خيال کي جاچڻ لاء فانز سن 2013 ع ۾ ھيراپولس ويو۔ ”اسان کي خبر نه هئي ته اسان کي  اتي ڇا ملندو. اھو سڀ   تصوراتي به ٿي سگھي ٿو ، پر اسان کي ايترو جلدي ۾  جواب ملڻ جي  اميد نه ھئي، پر اسان  کي جلد ئي حقيقت معلوم ٿي وئي۔ اسان کي  اندر داخل ٿيندڙ رستي جي ويجھو گھڻن ئي مئل جانورن جا ھڏا نظر آيا۔ ان جو مطلب ته ٿي ٿو سگھي ته ڪھاڻيون سچيون ھجن۔ جڏھن فانز اتان جي ھوا جي جانچ ڪئي ته ان کي خطرناڪ حد تائين ھوا ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ  جي موجودگي ملي۔ عام طور تي ان جو  هوا ۾ تناسب  0.8 سيڪڙو آهي  پر هتي اها 80 سيڪڙو تائين هئي. فانز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 10 سيڪڙو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ھوا ۾ ھجي  ته توهان ڪجهه منٽن ۾ مري سگهو ٿا. يومانز چوي ٿي ته پوٽو نيئن  جي جڳھ جو تعين  شايد ان  زميني وينٽس / محور جي بنياد تي  طئي ڪيو ويو ھجي۔  ان وقت جي مذهب ۾ زير زمين بلائن ۽ ڪھاڻين جو تمام اهم ڪردار ھو۔ تنهن ڪري اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته مزارون انھن جڳھن تي تعمير ڪيون وڃن جن جو تعلق  ھن  دنيا کان پري ھجي۔ پر فطرت جي انهن قوتن جي پنهنجي هڪ خاص قيمت آهي. زلزلن جي جڳھ واري ھنڌ تي ھجڻ جي ڪري، ھيرا پولس ۾14،  17عيسوي ۽ 60عيسوي ۾ اھڙا ته  زلزلا آيا جن شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پوء هيراپولس جي حقيقت به ماڻھن جي سامھو اچي وئي۔ شهر کي تباهه حالت ۾ ڇڏيو ويو هو. فانز جي ذھن ۾  هڪ سوال اڃا به ھيو ته  مذهبي ماڻهو جيڪي جانورن سان گڏ ويندا ھئا اھي ڪيئن جيئرا واپس ايندا ھئا؟  هو ٻئي سال وري هيراپولس واپس آيو ۽ ڏينهن جي مختلف وقتن ۾ هتي جي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي سطح جي جانچ  ڪئي.

ڏينهن جي وقت  جڏهن گرمي وڌيڪ هئي ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ٿي ويندي ھئي  پر رات جو ٿڌ جي  ڪري ٿڌي ٿي ڪري  اها زمين تي ھڪ تهه ڄمائي پئي، جيئن  مارڻ واري / زھريلي ڍنڍ۔  جڏهن جانور اندر هليا ويندا ھئا ته انهن جو نڪ  زمين جي طرف هجڻ جي ڪري  ۽ انهن سان گڏ  انسان جو مٿانهين سطح تي ساھ  کڻڻ جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو  اثر انھن ماڻھن تي  گھٽ ٿيندو ھو۔ ان جي ڪارڻ اھي ماڻھو اڪثر بچي ڪري نڪري ايندا ھئا۔ ته پوء ڇاِ اھا پئسو گڏ ڪرڻ لاء  مذهبي عالمن جي سازش هئي يا اهي اصل ۾ سمجهندا هئا ته اهي ديوتائن سان ڳالهائي رهيا آهن؟

Photo Courtesy BBC

يومانز  جو چوڻ  آھي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پلوٽونيئن ۾ قربانيون  ڏيڻ  هڪ اهم ڪاروبار هو. “ٿي سگھي ٿو ته  ڪجھ سچ ۾ اهو سمجهندا ھجن ته ديوتا انهن کي مزار جي اندربه پناھ ۾ رکيو۔  جڏهن ته ٻين لاء اھو ھڪ  قدرتي عمل ھجي۔

فانز چوي ٿو ‘ جڏھن مان ھن دروازي تي بيٺو آھيان ۽ مون کي خبر آھي ته اندر ڪاربن ڊاء آڪسائيڊ آھي ته منھنجي لاء اھا فخر جي ڳالھ آھي ته اسان ھڪ قديم راز افشان ڪري ڇڏيو، جيڪو ھڪ بھترين احساس آھي۔(هي مصمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو