حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي زندگي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ 14 سيڪڙو واڌ کي رد ڪندي چيو آھي تہ زندگي بچائيندڙ دوائن جون وڌايل قيمتون واپس ورتيون وڃن۔ دوائن جي قيمتن ۾ اضافي وارو فيصلو غريب عوام سان دشمني آھي ۽ ان کي علاج کان محروم ڪرڻ برابر آھن۔ ھڪ طرف سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون معياري سھولتون ناھن ۽ ٻيو دوائون ايتريون مھانگيون آھن، جو غريب عوام جي پھچ ۾ ناھيون، صحت جي سھولت صرف وزيرن، حڪمرانن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ٻين وڏن ماڻھن لاء ٿي وئي آھي، غريب ماڻھن کان صحت جي سھولت بہ واپس ورتي وئي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي تباهي ۽ بربادي جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، ھنن ڪرپٽ حڪمرانن ۽ سندن وحشي نظام سنڌ کي خونن، ڌاڙن، اغوائن، ٻوڙائڻ،پنائڻ ۽ خودڪشين کان سواء ٻيو ڇا ڏنو آھي؟ ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي پنهنجي تاريخي وطن سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي آبادي 7 ڪروڙ 60 لک آھي, هڪ ڪروڙ 40 لک ڪراچي, بقايا 5 ڊويزنن جي 6 ڪروڙ 20 لک آھي۔ لاڙڪاڻو, سکر ۽ حيدرآباد گھٽ ڳڻيا ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪن سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌ جي وحدت، مالڪي وڪڻڻ ۽ سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي غدار جاگيردار شاھي، ويڪائو سرمائيدارن ۽ حڪمران ٽولن پنھنجن ذاتي مفادن خاطر سنڌ ۽ ملڪ کي عالمي سامراجين، ڪرپٽ ۽ دھشتگرد مافيا وٽ گروي ڪري ڇڏيو آهي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ ضروري آهي تہ صرف چھرن کي بدلڻ بجاءِ ھن نظام کي تبديل ڪيو وڃي پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاء قومي حڪومت جوڙڻ گھرجي، جيڪا ملڪ کي اقتصادي، معاشي بحرانن مان ڪڍي. تعليم، صحت ۽ زرعي سڌارا آڻي۔ ڪرپشن جو خاتمو ڪري سگھي۔ بيروزگاري ۽ بيڊگورننس کي ختم ڪري سگھي۔










