دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اهو ڏينهن حقن جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڏيندڙ ان مزدورن جي ياد ۾ ملهايو ويندوآهي. جنهن 1886 ۾ آمريڪي شهر شڪاگو ۾ حقن جو آواز بلند ڪرڻ تي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيوهو.اڄ کان 136 سال اڳ 1885ع ۾ آمريڪي شهر شڪاگو ۾ مزدورن گهٽ پگهار خلاف ۽ وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو مطالبو رکي سرمائيدارن جي خلاف احتجاج ڪيو. مڪمل هڙتال ڪري صنعتي ڦيٿي کي بريڪ لڳائي ڇڏيو هو. سراپا احتجاج بڻيل مزدورن جو مطالبو هو ته اسان 8 ڪلاڪ ڪم، 8 ڪلاڪ آرام ۽ 8 ڪلاڪ گهر ڀاتين سان گڏ گذارڻ چاهيون ٿا. اهي مطالبا جائز هئا پر ان کي دٻائڻ جي لاءِ احتجاج ڪندڙن جي خلاف طاقت جو خوفناڪ استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مزدور حياتيون وڃائي ويٺا.مزدور اڳواڻن تي سنگين ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ صنعتي اصلاحون ٿيون پر ڊگهو وقت گذرڻ جي باوجود مزدورن جا مسئلا اڄ به گهٽ نه ٿي سگهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو