دنيا جي 60 محفوظ شهرن جي لسٽ، ڪوپن هيگن جو پهريون نمبر

دنيا جي 60 محفوظ شهرن جي لسٽ، ڪوپن هيگن جو پهريون نمبر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڪانومسٽ جي انٽيليجنس يونٽ دنيا ۾ ڪووڊ جي تباهين بعد سڀ کان وڌيڪ محفوظ شهرن جي انڊيڪس جاري ڪئي آهي. جنهن موجب سنيا جي محفظ شهرن ۾ ترتيبوار 5 شهر ڪوپن هيگن (ڊنمارڪ)، ٽورنٽو (ڪئناڊا)، سنگاپور، سڊني (آسٽريليا) ۽ ٽوڪيو (جاپان شامل آهن. هن اداري پاران پهريون ڀيرو ڪووڊ جي پابندين، ماحوليات، ڊجيٽل سهولتن، ذاتي ۽ سماجي تحفظ سميت 76 پيمانن موجب پرک ڪندي دنيا جي 60 محفوظ ملڪن جي فهرست جوڙي آهي. دنيا ۾ 19هين صدي جي ابتدا ۾ اسپينش فِلو دوران دنيا جي شهرن ۾ رڳو 14 سيڪڙو آبادي رهندي هئي ۽ گڏيل قومن جي پاپوليشن واري اداري موجب هن وقت 57 سيڪڙو دنيا جي آبادي شهرن ۾ رهائش اختيار ڪري چڪي آهي. لسٽ موجب دبئي 35، نئين دهلي 48، ممبئي 50 ڍاڪا 54، ڪراچي 59 هين نمبر تي آهن ۽ آخري نمبر تي ينگون برما جو شهر آهي. تفصيلي لسٽ ڏسڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو