اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستاني سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن براڊ پِيڪ سر ڪندڙ 10 ئي جبل چاڙهن جا لاش هٿ ڪري ورتا آهن. سوشل ميڊيا تي ڪيل اعلان موجب دنيا جو مشهور جبل چاڙهو نرمل پرجا به انهن ۾ شامل آهي. نرمل نيپالي شهري آهي جيڪو برطانوي فوج ۾ رهي چڪ آهي، هن 2019 ۾ 6 مهينن اندر دنيا جون 14 چوٽيون سر ڪيون هيون. ان کان اڳ جمعي ڏينهن براڊ پيڪ تي لاپتا ٿيل جبل چاڙهن جي ڳولا دوران چار ڄڻن جا لاش ڳولي ورتا هئا، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ شڪي برفاني ڇپ سبب گهٽ ۾ گهٽ 10 جبل چاڙها لاپتا ٿي ويا هئا.
الپائن ڪلب آف پاڪستان موجب لاپتا ٿيندڙن ۾ 43 ورهين جو مشهور نيپالي جبل چاڙهو نرمل پُرجا پڻ شامل آهي، جيڪو دنيا جي 14 بلند ترين جبلن کي سڀ کان گهٽ وقت ۾ سر ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ رکي ٿو.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي جبل چاڙها خميس ڏينهن منجهند ڌاري 8,051 ميٽر (26,414 فوٽ) اوچي براڊ پيڪ تي برفاني ڌوڙ جي زد ۾ اچي ويا هئا. براڊ پيڪ دنيا جو ٻارهون بلند ترين جبل آهي.
گلگت بلتستان جي سياحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ساجد حسين ميڊيا کي ٻڌايو ته جمعي ڏينهن به ڳولا ۽ بچاءُ جو آپريشن جاري رهيو. هن چيو ته ڳولا هڪ انتهائي ڏورانهين ۽ ڏکئي علائقي ۾ ڪئي پئي وڃي.
پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڳوليل چئن لاشن کي اڃا تائين هيٺ نه آندو ويو آهي، جڏهن ته انهن جي صحيح هنڌ بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا آهن.
الپائن ڪلب آف پاڪستان موجب، پاڪستان آرمي ايويئيشن جا ٻه ريسڪيو هيليڪاپٽر امدادي ڪارروائي لاءِ موڪليا ويا آهن.
ڪلب پنهنجي بيان ۾ چيو، “اسان کي اميد آهي ته لاپتا جبل چاڙها محفوظ ملي ويندا. رپورٽن موجب برفاني ڌوڙ کان پوءِ سڄي ٽيم سان رابطو ختم ٿي ويو آهي.”
الپائن ڪلب موجب، مهم ۾ نرمل پرجا سميت نيپال، پاڪستان، عمان، آمريڪا ۽ چين جا ڪل 10 جبل چاڙها شامل هئا.
ٽريڪنگ ڪمپني Seven Summit Treks (SST) جي بورڊ ڊائريڪٽر ڇانگ داوا شيرپا موجب لاپتا ماڻهن ۾ ڪمپني جا ٽي شيرپا گائيڊ پڻ شامل آهن.
هن چيو ته برفاني ڌوڙ وقت ٽيم جو آخري معلوم ٿيل هنڌ سمنڊ جي سطح کان لڳ ڀڳ 6,600 ميٽر (21,653 فوٽ) اوچائي تي هو، جتان هو سڌو هيٺ ڪري پيا.
گلگت بلتستان ۾ واقع براڊ پيڪ کي پاڪستان جي سڀ کان ڏکين ۽ خطرناڪ جبلن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي.
نرمل پرجا 23 اپريل 2019ع تي دنيا جي ڏهين بلند ترين چوٽي اناپورنا سر ڪئي، جنهن کان پوءِ هن ٻين 8 هزار ميٽرن کان وڌيڪ اوچين چوٽين کي به سر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو.
ٻن سالن بعد سندس غيرمعمولي سفر تي تيار ڪيل هڪ نيٽ فلڪس دستاويزي فلم جاري ٿيڻ کان پوءِ کيس عالمي سطح تي وڌيڪ شهرت حاصل ٿي.
ياد رهي ته دنيا جي 14 بلند ترين چوٽين مان اٺ نيپال، پنج پاڪستان ۽ هڪ تبت ۾ واقع آهي.
جبل چاڙهن موجب، هينئر تائين دنيا ۾ صرف ٽن درجن کان ٿورا وڌيڪ جبل چاڙها ئي سڀئي 14 بلند ترين چوٽيون سر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيا آهن.










