ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)دفاعي نمائش ’آڊياز 2022‘ اڄ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿي رهي آهي، نمائش جو افتتاح پرڏيهي وزيربلاول ڀٽو ڪيو، ڊفينس پروڊڪشن جي وزير وڏي وزير مراد علي شاهه سميت صوبائي وزيرن جي شرڪت ڪئي. چار ڏينهن واري نمائش ۾ 64 ملڪ پنهنجي مصنوعات سان گڏ حصو ورتوآهي، پهريون ڀيرو آسٽريليا، رومانيا ۽ هنگري به شرڪت ڪري رهيا آهن،آئيڊياز 2022 تي ڊيفينس مارڪيٽ ۾ اهم سيمينار انٽيليجنس جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته دوست ملڪن جا دفاعي وفد وزيرن ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪندا.17 نومبر تي ڪراچي جي شهرين لاءِ سي وييو ۾ ايئر شو ۽ مشقون منعقد ڪيون وينديون.ٻئي طرف ايڪسپو سينٽر ۾ دفاعي نمائش جي موقعي تي ٽريفڪ پلان پڻ جاري ڪيو ويو آهي.اڄ کان 18 نومبر تائين حسن اسڪوائر کان نيشنل اسٽيڊيم ڏانهن ويندڙ رستا صبح 7 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند رهندا.حسن اسڪوائر کان ڪيترائي ڪلوميٽر اڳ هيلي ٽريفڪ جي داخلا مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي.










