ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد ڌيءُ جي عمر بابت ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا اغوا ڪيس تي ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير کي پيش ڪيو ويو ٻڌڻي دوران دعا زهريٰ جي والد چيو ته ڌيءُ جي برٿ سرٽيفڪيٽس سوڌو ٻيا ثبوت موجود آهن، ميڊيڪل رپورٽ ۾ 16 کان 17 سال عمر غلط ڄاڻائي وئي آهي عدالت ۾ دعا زهريٰ هڪ ڀيرو ٻيهر والدين سان ملڻ کان انڪار ڪيو، عدالتي حڪم تي ججز جي چئمبر ۾ دعا زهريٰ جي والدين سان ملاقات ڪرائي وئي ملاقات بعد دعا زهريٰ جي امڙ چيو ته ڌيءُ گهر هلڻ جو چيو ۽ ٻڌايو ته عدالت ۾ گهر وڃڻ لاءِ بيان ڏيندي پوليس دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران شيلٽر هوم منتقل ڪري ڇڏيو، دعا زهريٰ جي امڙ عدالتي احاطي ۾ روئندي بيهوش ٿي وئي ،دعا زهرا جي والد مهدي ڪاظمي جي وڪيل دعا جي ميڊيڪل رپورٽ کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.مهدي ڪاظمي جي وڪيل الطاف کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته دعا زهرا جي ميڊيڪل رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل هئي جنهن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويو.هن چيو ته اسان وٽ دعا زهرا جي عمر بابت سمورا دستاويز موجود آهن، دعا زهرا جي عمر جي تعين لاءِ ڪوبه ميڊيڪل بورڊ ناهي ٺاهيو ويو.










