درگاهه شيخ ٽالو جو ميلو، گهوڙن جي ڊوڙ، ملهه مقابلا ٿي گذريا

درگاهه شيخ ٽالو جو ميلو، گهوڙن جي ڊوڙ، ملهه مقابلا ٿي گذريا

گهوڙاٻاري ( مختيار چانڊيو) ميرپور ساڪري لڳ شيخ ٽالو جي 3 ڏينھن جي عرس جي تقريبن جو پ پ پ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ رئيس عبدالغني بگھياڙ درگاھ شيخ ٽالو درگاھ تي چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪيو. انھي موقعي تي سيد احمد شاھ بخاري ۽ درگاھ جو خليفو محترم دين محمد شيخ، پ پ پ تعلقي ساڪري جي صدر رئيس مشتاق بگھياڙ، حيدر شاھ بخاري، اياز بگھياڙ، ڊاڪٽر شريف بگھياڙ، محمد عثمان شورو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

جڏھن ته ميلي جي پھرين ڏينھن ملاکڙو پڻ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مشھور ملھ پھلوانن زور آزمائي ڪري واھ واھ ڪرائي ڇڏي. ميلي ۾ گھوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ منعقد ڪرايا ويا. پ پ اڳواڻ رئيس عبدالغني بگھياڙ ملھ پھلوانن ۽ مقابلو کٽيندڙ گھوڙن جي مالڪن ۾ انعام پڻ ورھايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو