اسلام آباد (بيورو رپوٽ)قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته هڪ وڪيل جي حيثيت سان چوان ٿو ته اها درخواست چار کان ٽن جي تناسب سان رد ڪئي وئي آهي. اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مليو آهي، ٽي وي ذريعي مون تائين پهتو آهي.اعظم نذير تارڙ چيو ته هڪ وڪيل جي حيثيت سان چوندس ته اها درخواست چار کان ٽن جي تناسب سان خارج ڪئي وئي آهي.قانون واري وفاقي وزير چيو ته ان کان اڳ جسٽس يحيٰ ۽ جسٽس اطهر من الله به پاڻمرادو نوٽيس تي اختلاف ڪيو، اڄ ٻن ججن وڌيڪ چيو آهي ته اهو قابل قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته مان هڪ وزير جي حيثيت سان نه پر هڪ وڪيل جي حيثيت سان چئي رهيو آهيان ته اها درخواست چار کان ٽن جي تناسب سان رد ڪئي وئي آهي ۽ فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجي جتي درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.










