دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن 2 مغوي بازياب

دراني مهر جي ڪچي ۾ آپريشن 2 مغوي بازياب

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ امداد حسين بنگوار)پوليس دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ٻه وڌيڪ مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڪنڌڪوٽ پوليس جو سبزوئي ۽ جاگيراڻي گينگ خلاف آپريشن اڄ به جاري آهي، پوليس جو دراني مهر ٿاڻي جي حد اندر ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين خلاف اي پي سي چين سان ڪومبنگ آپريشن، پوليس جو ڏوهارين سان سخت مقابلو ڏوهارين جا ڪافي تعداد ۾ ٺڪاڻا تباه ڪيا ويا، دوران آپريشن رات دير سان ٻه مغوي جيڪي 13 مئي تي ڏوهاري اغوا ڪري ويا هئا هر هڪ نالي مظهر علي جعفري ڳوٺ پير بخش شجراع ضلع شڪارپور ۽ محمد نواز پنهيار ڳوٺ احمدپور ضلع خيرپور ميرس ٻنهي مغوين کي مقابلي دوران بازياب ڪرايو ويو آهي، واضح رهي ته ڏوهارين پاران مغوين جي بازيابي لاء وارثن کان 30 لک روپيه ڀنگ پڻ طلب ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي اندر آپريشن جاري رهندو ۽ ڏوهارين جو صفايو ڪيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو