دادو(ادل مهيسر) شيخ دڙو روڊ جي رهواسي غلام مصطفيٰ ٻٻر جي گهرواري 30 ساله زڪيه کي گهر ۾ يو پي ايس جي کليل تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي وئي گهر ۾ قهرام مچي ويو ميت قانوني ڪاروائي لاء سول اسپتال دادو آندي وئي، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.*** ڇنڊڻ موري وٽ ايم اين وي ڊرين ۾ وهجندي هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿي ويو خبر موجب ڦلجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ جهنگل پنهور جو رهواسي 30ساله ڀورل پٽ عمر پنهور ايم اين وي ڊرين ۾ ڇنڊڻ موري وٽ وهنجندي فوت ٿي ويو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت مقامي ٽوٻن لاش کي ڳولي ڪڍيو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام برپا ٿي ويو*** دادو شهر جي پيربخش ڪالوني مان واپڊا ملازم علي رضا جمالي جي گهر ۾ چور داخل ٿي تالا ڀڃي گهر ۾ پيل لکين روپين جو سامان ٻهاري ويا ٻئي پاسي علائقي واسين ٻڌايو ته گهرڌڻي حيدرآباد ويل هئا گهر کر تالا لڳل هئا ٻئي طرف دادو شهر جي النور ڪلينڪ سامهون 3 نامعلوم هٿياربندن رسول بخش ٻگهيو کان زبردستي سي ڊي موٽرسائيڪل،موبائيل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻئي واقعه اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ آهن. ***پيارو ڳوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد آرائين ۾ 25 سالا نوجوان وسيم احمد پٽ غلام رسول آرائين زرعي زمين تي جيت مار دوا پي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو فوتي جو مڙهه سول اسپتال دادو آندو ويو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي دادو جي ڳوٺ نبي بخش سولنگي ۾ ٻار نه پڙهائڻ تان ناراض ٿي مسمات وزيران زال محمد يوسف سولنگي برتن صاف ڪرڻ واري زهريلي دوا پي ڇڏي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال دادو آندو ويو سندس 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ماءُ لاء روئيندا رهيا جڏهن ته ڊاڪٽرن سندن ماء جي زندگي بچائي ورتي.*** دادو جي ڳوٺ فضل جي ڪنڊي جي 6 سالا معصوم جا قاتل ڏيڊ مھينو گذرڻ باوجود به گرفتار نه ٿيا گرفتار ماڻھن کان رشوت وٺي ڦلجي پوليس آزاد ڪري ڇڏيا آزاد ٿيل ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ جان ۽ مال جون دمڪيون ڏيئي رھيا آھن اھڙي عمل خلاف بدفعلي بعد قتل ٿيل ننيگر جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن مجيب الرحمان پنھور درياخان پنھور عمر پنھور ڊاڪٽر شاھد پنھور جو احتجاج. هنن ٻڌايو ته ڦلجي پوليس گرفتار ڪيل رضوان مصدق، بدرالدين پنھور جن تي اسان کي شڪ ھو انھن کان پئسه وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو آھي، وڏيرو محمد بخش پنھور جا ويجھا آھن. ھنن چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي حيدراباد کان مطالبو ڪيو آھي ته نينگر اختر جي قتلن کي گرفتار ڪري کين عبرت ناڪ سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.










