دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) دادو جو نوجوان اغوا گهر ۾ ڪهرام متل پاڪ ڪتاب جو ورد جاري دادو شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڇاڻو شاهه مان اغوا ٿيل نوجوان امير نياز سومرو جي وارثن کي گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پاران فون ڪري ڀنگ طلب ڪئي هئي، نوجوان جي گهر ڀاتين پاران پاڪ ڪتاب جو ورد ڪيوپيو وڃي مغوي نوجوان جي وارثن امير نياز سومرو، امان الله سومرو، رحمت الله سومرو، انعام الله سومرو ۽ ٻين پوليس خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 4 ڏينهن گذري ويا آهن نوجوان جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي دادو پوليس نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪابه مدد نه پئي ڪري، مغوي نوجوان 4 ڏينهن اڳ گهران سکر لاءِ نڪتو هوگذريل ڏينهن ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته نوجوان سندن قبضي ۾ آهي ڀنگ ڏيو ٻي صورت ۾ نوجوان جو لاش ملندو، مغوي نوجوان جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي










