دادو(ڊ ر) ميڻا موري وٽ دادو ڪينال مان نڪرندڙ نور واھ مان 35 سالا ﷲ آباد واسي درويش علي نواز شاهه جو لاش هٿ آيو آهي. اهڙو اطلاع ٻڪريون چاريندڙ ڌنار ميڻا موري ٿاڻي تي پهچي پوليس کي ڏنو جنهن کانپوءِ ميڻا موري ٿاڻي جي پوليس چيو ته اها اسان جي حد ناهي ۽ ڦلجي پوليس ٿاڻي جي حد آهي جڏهن ته لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نور واھ موري ۾ ڦاٿل رهيو پر ميڻا موري ٿاڻي جي پوليس کي هڪ انسانيت جي ناطي سان زرو به ترس نه آيو آخر ڦلجي پوليس ۽ گوٺاڻڻ واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ٻاهر ڪڍي ورتو.










