خيرپور (ن س) خيرپور ۾ اعليٰ معيار جي لٿيم جي دريافت ٿيڻ سان مقامي لٿيم صنعت جي قيام جي راهه هموار ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ پهرين مقامي لٿيم صنعت جي قيام ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائيءَ طور، آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني ليميٽڊ (او جي ڊي سي ايل) پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (پنـس ٽيڪ) سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن.ان معاهدي جو مقصد سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ هڪ کوهه مان اعليٰ معيار جي لٿيم جي دريافت کانپوءِ، جيوٿرمل نمڪيادي پاڻيءَ مان تجارتي پيماني تي لٿيم ڪڍڻ جي ٽيڪنالوجي تيار ڪرڻ آهي.










