خيبرپختونخواهه جي ٻيلي ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت

خيبرپختونخواهه جي ٻيلي ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي جنگلن ۾ 6 هنڌن تي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.شانگلا ۾ باهه جبلن ۾ گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ خشڪ موسم سبب باهه پکڙجڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي.سوات جي جابلو علائقن ۾ باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن، جن ۾ ڪابل جي سيگرام واري علائقي، بري ڪوٽ تحصيل جي ابالا واري علائقي، چارباغ جي ڪوٽ واري علائقي ۽ پٺاڻ ۾ به باهه وسائي وئي.ان کان علاوه لوئر دير جي جبلن ۾ به جنگلات ۾ باهه لڳي وئي آهي، جنهن کي وسائڻ لاءِ انتظاميا، مقامي ماڻهو ۽ پاڪ فوج جا اهلڪار ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو