خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور

خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(بيورو)پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخواهه اسيمبلي به چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.تيمور اسلم جهڳڙا پاران جمع ڪرايل ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي.قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي عالمي سازش جو حصو بڻائي هٽايو ويو.پ پ ميمبر نگهت اورڪزئي ٺهراءُ تي احتجاج ڪندي پنهنجي سيٽ تان اٿي ۽ اسپيڪر جي سامهون اچي بيٺي.عوامي نيشنل پارٽي جي پارلياماني ليڊر سردار حسين بابڪ چيو آهي ته ايوان کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، حڪومت ۾ مخالفن کي ٻڌڻ جي همت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو