خواجه آصف کي پارٽي ڇڏڻ جي وارننگ ملي هئي،اياز صادق

خواجه آصف کي پارٽي ڇڏڻ جي وارننگ ملي هئي،اياز صادق

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته خواجه آصف کي پارٽي ڇڏڻ جي وارننگ ملي چڪي هئي.لاهور ۾ نيب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي اياز صادق چيو ته خواجه آصف هڪ مهينو اڳ پارٽي اڳواڻن کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته مون کي مسلم ليگ(ن) ڇڏڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي.اياز صادق چيو ته وقت ايندو ته خواجه آصف پاڻ ٻڌائيندو ته هن کي ڪنهن پارٽي ڇڏڻ جو چيو هو. هن وڌيڪ چيو ته خواجه آصف چوي ٿو ته ڪافي وقت گذري چڪو آهي هاڻ مان پارٽي نٿو ڇڏي سگهان

پهنجو تبصرو موڪليو