اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) نيب مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجا آصف کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مريم اورنگزيب موجب احسن اقبال جي گهران کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ سندس گرفتاري لاءِ چيئرمين نيب وارنٽ جاري ڪيو. هن کان نيب وارا اقامي ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن بابت جاچ ڪري رهي هئي. هو پاڪستان جو پرڏيهي ۽ دفاع جو وزير به رهي چڪو آهي ۽ قومي اسمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جو پارليماني ليڊر آهي. کيس راولپنڊي نيب آفيس منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس چيڪ اپ بعد اربع تي احتساب عدالت مان راهداري رمانڊ وٺي لاهور منتقل ڪيو ويندو.مريم نواز سندس گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو ته خواجا آصف جي گرفتاري حڪومتي خوف جي علامت آهي.










