ووٽ وڪري جي پراڻي سياست ۾ زرداريءَ جو وزن هو:اسدعمر

ووٽ وڪري جي پراڻي سياست ۾ زرداريءَ جو وزن هو:اسدعمر

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر اڄ وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو اشارو ڏنو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته خريد و فروخت جي پراڻي سياست ۾ زرداريءَ جو وزن هو، آصف زرداري جي سياست ختم ٿي چڪي آهي، بند ڪمري جون سازشون هاڻي ڪم نه ٿيون اچن، اسان جو ووٽر دنيا ۾ سڀ کان وڏو آهي. هو اقتدار جي مقابلي ۾ به ثابت قدم رهيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته هاڻي اسان وٽ سادي اڪثريت جو انگ 186 آهي، پنجاب اسيمبلي ۾ 176 ووٽ پي ٽي آءِ جا آهن، اسيمبلي ۾ عددي اڪثريت به پي ٽي آءِ وٽ آهي. هن چيو ته اڄ ڪا به حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي، سڀني کي خبر آهي ته اسان جا انگ پورا آهن، اڄ شام پرويز الاهي وڏو وزير چونڊجي ويندو، اڄ جي چونڊن کانپوءِ ٻيون سياسي پارٽيون به ملڪ ۾ نئين چونڊن جي ڳالهه ڪنديون. اسد عمر وڏي وزير جي چونڊ کانپوءِ پنجاب اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته جيستائين سمورو نظام هلندو، تيستائين پنجاب اسيمبلي هلندي.

پهنجو تبصرو موڪليو