اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ادارن کي گاريون ڏيندڙ ادارن جا ٺيڪيدار نه بڻجن، عمران خان کي اقتدار ۾ واپس اچڻ لاءِ اسٽيبلشمنيٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب هڪ بيان ۾ چيو ته ڪنهن کي به آئين ۽ قانون سان راند کيڏڻ نه ڏينداسين، عمران خان خان پاڻ اعتراف ڪيو ته هُن چئن سالن جي حڪومت هلائڻ لاءِ ادارن ۽ ايجنسين کان مدد ورتي، ڌمڪين ۽ هنگامن جي گارين سان انصاف کي قتل ڪرڻ نه ڏنو ويندو. مريم اورنزيب چيو ته ن ليگ ۽ نواز شريف جو بيان آئين جو بيان آهي، فوج ۽ عدليه کي سياست ۾ گهيلڻ بند ڪيو وڃي، عمران خان جو نشانو ادارا آهن، انهن جي قيادت کي عهدن تان هٽائڻ آهي، عمران خان جو پرڏيهي سازش وارو بيان دفن ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ هُن اسٽيبلشمينٽ ۽ اينٽي اسٽيبلشمينٽ جو راڳ شروع ڪيو آهي.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي فارن فنڊنگ ڪيس جو ڏيڻ گهرجي، عمرا خان ڌمڪين، فساد ۽ غنڊا گردي ذريعي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اين آر او وٺڻ چاهي ٿو، پنجاب جي وڏي وزير واري چونڊ بابت فيصلو فل ڪورٽ کي ڪرڻ گهرجي، فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ بار جي نظرثاني واري درخواست، موجوده درخواست ۽ ٻين درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪري، اهم قومي، سياسي ۽ آئيني معاملن تي انصاف ٿيڻ گهرجي.










