خان جي اسپتال منتقلي، اعتراض ختم ڪرڻ واري درخواست منظور

خان جي اسپتال منتقلي، اعتراض ختم ڪرڻ واري درخواست منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جي درخواست تي اعتراض ختم ڪرڻ لاءِ وقت جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس انعام امين منهاس ڪئي. عدالت رجسٽرار آفيس کي هدايت ڪئي ته اهڙا ڪيترا ڪيس التوا ۾ آهن ان جي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي.درخواستگذار ڊاڪٽر عظميٰ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته رجسٽرار آفيس ڪجهه اعتراض اٿاريا آهن. جيڪڏهن عدالت ايندڙ هفتي ڪيس داخل ڪري ٿي ته اسان اعتراض ختم ڪنداسين.جسٽس امين منهاس چيو ته توهان پاران ساڳئي قسم جون مختلف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل عزيز ڀنڊاري جواب ڏنو ته هن درخواستگذار اهڙي ڪا ٻي درخواست داخل نه ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو