لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سينيئر ميمبر بريڊ شرمن فون تي رابطو ڪيو آهي.ذريعن موجب آمريڪي ڪانگريس جي سينيئر ميمبر بريڊ شرمين جو چوڻ آهي ته هو ان حوالي سان جلد وڊيو بيان جاري ڪندو.عمران خان سان ڳالهه ٻولهه کان اڳ پاڪستاني آمريڪن جمهوريت پسند ڊاڪٽر آصف محمود بريڊ شرمن سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ بريڊ شرمن ۽ عمران خان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ڊاڪٽر آصف ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جي سياسي صورتحال تي عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ بيان به جاري ڪيو هو.










