سڪرنڊ( ن س)خاتون اول ۽ ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري سڪرنڊ ويجهو سنڌو درياءَ جي بندن جو جائزو وٺڻ ۽ سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل رليف ڪئمپن جي دوري لاءِ سڪرنڊ ويجهو مڏ بچاءَ بند ، آمري ڌپل ،ايس ايم بچاءِ بند جو دورو ڪيو. سنڌ حڪومت جي هدايتن تي هيلٿ ڊپارٽمينٽ شهيد بينظيرآباد پاران قائم ڪيل ميڊيڪل ڪئمپس ، لائيو اسٽاڪ ڪئمپس ۽ رليف ڪئمپن ۾ رهندڙن سان ملاقات ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کان سندن مسئلا پڇا ۽ هدايتون ڏنيون. جڏهن ته مڏ منگلي بچاءَ بند وٽ ايريگيشن عملي پاران پاڻي ۽ بندن بابت بريفنگ ڏني وئي. جنهن بعد سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ محرابپور ۾ ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺ محرابپور ۾ قائم رليف ڪئمپ جو پڻ دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي وزير صحت عذره پيچوهو ، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، پ پ ضلعي بينظيرآباد جو صدر سالم زرداري ، ايڊووڪيٽ علي حيدر شاهه ، پ پ ضلعي بينظيرآباد جي انفارميشن سيڪريٽري راشد چانڊيو ، ضلعي ڪائونسل شهيد بينظيرآباد جي چيئرمين علي اڪبر جمالي ، عاشق حسين زرداري سميت ٻيا پ پ اڳواڻ گڏ هئا. ان موقعي تي سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ميڊيا ڪوريج کان مڪمل طور تي روڪيو ويو سڪرنڊ آصفه ڀٽو زرداري جي اسڪواڊ ۾ شامل ٻن پوليس موبائلن مڏ بچاءَ بند وٽ ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ پوليس موبائل جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو. جڏهن ته ڪجهه اهلڪار معمولي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اسڪواڊ ۾ شامل ٻن پوليس موبائلن کي روڪي ٻئي اسڪواڊ کي روانو ڪيو ويو.










