اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت جي ڳالهين واري ٽيم مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائش گاهه تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي سڀاڻي ٻيهر ملاقات تي اتفاق ڪيو. جي يو آءِ موجب هنن پنهنجا مطالبا حڪومتي ٽيم کي ٻڌائي ڇڏيا، قيادت سان مشوري بعد جواب ڏيندا. وزير دفاع پرويز خٽڪ ملاقات بعد چيو ته مثبت پيش رفت ٿي آهي ۽ اميد ڪجي ٿي ته معاملا بهتر نموني حل ٿي ويندا. ان کان اڳ مخالف ڌر جي ڪل جماعتي ڪانفرنس جو اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته آزادي مارچ جي خاتمي جو فيصلو گڏجي ڪنداسين. اجلاس بعد مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اپوزيشن مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي آهي ته هو جي يو آءِ کي اڪيلو نه ڇڏيندا. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جا نمائندا شريڪ ٿيا. بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب ۾ سياسي سرگرمين ۽ شهباز شريف مريم نواز جي ضمانت جي منظوري سبب مصروفيتن سبب شريڪ نه ٿيا. احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سندن جماعت ڪنهن به غير جمهوري عمل جو حصو نه بڻبي مولانا جي مارچ جي هو سياسي حمايت جاري رکندا. پيپلز پارٽي به مولانا جي ڌرڻي جي حمايت ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ جاري اجلاس ۾ محمود خان اچڪزي، آفتاب احمد شير پائو ۽ ٻيا شريڪ آهن. سڄي ڏينهن جي سرگرمين بعد اچڪزئي سان گڏ هن ڌرڻي کي خطاب ڪندي عمران خان تي تنقيد جاري رکي پر سندس لهجي ۾ ڪجهه نرمي نظر آئي. هن وزيراعظم کي ڪمبخت سڏيندي چيو ته ڪالهه هو جڏهن اپوزيشن ۾ هو ته به اڪيلو هو ۽ سڀ جماعتون هڪ پاسي هيون، هاڻي هو حڪومت ۾ به اڪيلو آهي ۽ اپوزيشن جون سڀ جماعتون متحد آهن، هي عوامي نمائندو ناهي ڪنهن ٻاهرين قوت جو نمائندو آهي، هي سليڪٽيڊ نه پر رجيڪٽيڊ آهي. عمران خان چيو آهي ته خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهو اين آر او نه ڏيندس.










