ڊرگھ بالا (ن سنڌيار) ڊرگھ بالا ڀرسان ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۾ رستا ڪٽيل هئڻ ڪري معصوم نينگر عرفان علي پُٽ غلام فريد برهماڻي وقت سر علاج نه ٿيڻ سبب فوت گهر ۾ روڄ راڙو خبر موجب ڊرگھ بالا ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ ھڪ مھيني کان وقتن به وقتن تي برساتون پوڻ کانپوء مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون مهينو پهرين ڪنڊو ٻٻر ۾ ٻارڙا فوت ٿي چڪا پر توجھ نه ڏنو ويو اڄ وري ٻيو ٻار تيز بخار سبب فوت ٿي ويو علائقي ۾ ڪيترائي ماڻھو ٻار ننڍا وڏا بيمارين ۾ ورتل برساتن سبب رستا نه ھئڻ ۽ غربت ھئڻ ڪري غريب گھرن تائين محدود جيئن ته ڳوٺ راڄو ڳنڍو ۾ پنجن سالن جو معصوم نينگر عرفان پٽ غلام فريد برھماڻي فوت ٿي ويو ڪيترن ڳوٺن ۽ ڪاڇي۾ صحت جي سھولتن جي اڻھوند ۽ رستا نه ھئڻ ڪري علائقي واسين جون زندگيون داء تي لڳل ڊي سي او دادو ۽ ڊي ايڇ او دادو ۽ صحت کاتي کي گھرجي ته ڪاڇي ڊرگھ بالا ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وڃن ۽ دوائون ڏنيون وڃن ته جيئن وبائي بيمارين کا علائقي واسين کي بچايو وڃي.










